مستونگ ۾ اختر مينگل جي ڌرڻي ويجهو آپگهاتي ڌماڪو، هڪ ڄڻو زخمي

0
24

بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ لڪ پاس وٽ سردار اختر مينگل جي ڌرڻي ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، رپورٽ موجب حملي آور ڌرڻي واري هنڌ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، محافظن ۽ ڪارڪنن طرفان روڪڻ تي حملي آور آپگهاتي ڌماڪو ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته حملي آور جو موٽرسائيڪل تي سوار ساٿي به ساڻ هو جيڪو فرار ٿي ويو