اسلام آباد: 11 فيبروري جي اهميت ظاهر ٿي آهي.  ان ڏس ۾ حامد مير موجب 11 فيبروري جي تاريخ ۾ هڪ اهميت آهي. پاڪستان جي حوالي سان ۽ عالمي سطح تي به يارهن فيبروري جي اهميت آهي. هن چيو ته 11 فيبروري تي مشهور ڪشميري اڳواڻ مقبول بٽ کي ڦاهي ڏني وئي هئي. سندس يومِ شهادت 11 فيبروري آهي. ان کان سواءِ عاصمه جھانگير صاحبه جي وفات جو ڏينهن به 11 فيبر وري آهي. حامد مير موجب ڏکڻ آفريڪا جو اڳواڻ نيلسن منڊيلا آزاد ٿيو هو. جڏهن ته آيت الله خميني صاحب به ايران ۾ اقتدار 11 فيبروري تي ئي حاصل ڪيو هو.