لندن(انٽريسٽنگ نيوز) ڇا توهان 100 ڏينهن ۾ ٽرين ذريعي دنيا جو سفر ڪرڻ چاهيو ٿا؟ جيڪڏهن توهان کي ڀريل هوائي اڏن ۽ ڪلاڪن جي ڊگهين پروازن تي ڪو اعتراض ناهي پر پوءِ به دنيا جو سفر ڪرڻ چاهيو ٿا، ته هاڻي ٽرين ذريعي اهو ڪرڻ ممڪن آهي. جي ها، ايڊونچرز بائي ٽرين نالي هڪ ڪمپني 100 ڏينهن ۾ دنيا جي مختلف هنڌن تي سفر ڪرڻ جو هڪ نئون ۽ منفرد تجربو پيش ڪيو آهي. هن ٽور آپريٽر ڪمپني اعلان ڪيو ته دنيا جي چوڌاري ٽرين جو دورو 17 مارچ 2026ع تي شروع ٿيندو. ڪمپني جي ڊائريڪٽر جم لٿ چيو ته هاڻي وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهو ماحول دوست طريقي سان سفر ڪرڻ چاهين ٿا ۽ جهازن مان خارج ٿيندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ بابت خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان دنيا ۾ سفر ڪرڻ جو هڪ ماحول دوست طريقو پيش ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ پرواز ۾ سوار ٿيڻ جي ضرورت ناهي. هي ڪمپني 12 ماڻهن کي دنيا جي چوڌاري ٽرين جي دوري تي وٺي ويندي.