سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سينٽرل جيل سکر انتظاميا پاران منشيات ڪيس ۾ 10 سال سزا مليل 4 قيدين کي ٽن سالن اندر آزاد ڪرڻ جو انڪشاف، سنڌ هاءِ ڪورٽ جيل انتظاميا کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو
خبر موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر جي ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پراسيڪيوٽر اي اين ايف فاروق جتوئي مطابق اي اين ايف سکر 2020ع ۾ 4 جوابدارن عرفان علي، وزير علي، عبدالقدير، امير بخش کي 12 ڪلو منشيات هٿ ڪري گرفتار ڪيو
منشيات ڪيس ۾ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت 4 جوابدارن کي 6 جون 2023 تي ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 21 جون 2023ع تي سينٽرل جيل انتظاميا سزا آيل چئني قيدين کي 5 ڏينهن کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو، جيل انتظاميا عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 4 جوابدار عرفان علي، وزير علي، عبدالقدير، امير بخش 2020 کان جيل ۾ قيد هئا
قيدين کي جيل مينوئل موجب سزائن ۾ رعايتون ملڻ بعد آزاد ڪيو ويو، پراسيڪيوٽر اي اين ايف فاروق جتوئي چيو ته سزا يافته قيدين کي جيل مينوئل موجب سزا ۾ 1/3 رعايت ملي سگهي ٿي، ڄاڻايل ڪيس ۾ 10 سال قيد جي سزا مليل قيدين کي سزا ۾ ٽن سالن جي رعايت ڏني پئي وڃي پر جيل اختيارين سزا ۾ 7 سال رعايت ڏني آهي
عدالت پڇاڻو ڪيو ته سينٽرل جيل اختيارين ڪهڙي قانون تحت قيدين جي سزا ۾ نرمي ڏني آهي؟ جيل انتظاميا قيدين کي ڏنل سزا ۾ معافي جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪري
جيل اختيارين پاران منشيات ڪيس ۾ قيدين کي مليل رعايت جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت حڪم ڏنو ته عدالت ۾ پيش ڪيل دستاويزن جي تصديق ڪئي وڃي، جنهن رجسٽر تي قيدين جي سزا ۾ رعايت ۽ بهتر علاج لاءِ رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.