ملير: عرفان غفور ميمڻ ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته منهنجو چئن عورتن سان جنسي تعلق هيو، وڊيو ۾ ڪا به ليڊي ٽيچر نه آهي ڪنهن به ليڊي ٽيچر سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي سي سي ٽي وي سسٽم لڳائي ڏيندڙ علي لوڌي پاران سسٽم هيڪ ڪيو ويو جنهن سبب ساڳيون وڊيوز رپيٽ ٿيل آهن هن چيو ته شڪيل نالي شخص جيڪو پاڻ کي انٽيليجنس جو سڏائي رهيو هو ان مون کي وڊيو ڏيکاري بليڪ ميل ڪري 10 لک رپين جي گهر ڪئي.
ملير: گهرو وزير واقعي جو نوٽيس ورتو، برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته گلشن حديد واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي، ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ڪيفر ڪردار تي پهچايو ويندو، گهرو وزير چيو ته مون ان حوالي سان پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي. هوڏانهن ايڊيشنل ڊائريڪٽر رجسٽريشن رفيعه ملاح رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته انڪوائري ڪميٽي سڀاڻي (اڄ) اسڪول جو دورو ڪري تفصيل وٺندي، حقيقتن جي روشني ۾ پنهنجون سفارشون ترتيب ڏيئي ڪارروائي ڪئي ويندي.