لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) هانسلو ويسٽ لنڊن سان تعلق رکندڙ 10 سالن جي ڀارت ڄائي برطانوي ڪرش اروڙا 162 جو غير معمولي آئي ڪيو اسڪور حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو تاريخ جي مشهور طبيعات دان البرٽ آئنسٽائن ۽ اسٽيفن هاڪنگ جي ڪاٿو لڳايل آئي ڪيو کان وڌيڪ آهي، ميٽرو جي هڪ رپورٽ موجب اها شاندار ڪاميابي ڪرش اروڙا کي سڄي دنيا جي ذهين ترين ماڻهن جي 1 سيڪڙو شرح ۾ سڀ کان مٿي کڻي وئي آهي، ڪرش اروڙا جي غير معمولي ذهانت کيس مينسا ۾ جڳهه ڏياري ڇڏي آهي، جيڪا غير معمولي ذهانت وارن ماڻهن جي سوسائٽي آهي، پنهنجي ان ڪاميابي بعد ڪرش اروڙا جلد ئي ملڪه الزبٿ جي اسڪول ۾ وڃڻ وارو آهي، جيڪو برطانيه جي سڀ کان بهترين گرامر اسڪولن مان هڪ آهي، ڪرش، جنهن تعليمي ميدان ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، روايتي اسڪول جي تعليم کي بورنگ قرار ڏنو آهي، انڊيا ٽو ڊي موجب ڪرش جو چوڻ هيو ته پرائمري اسڪول بورنگ آهي، ان ۾ ڪجهه ناهن سيکاريندا، اسان سڄو ڏينهن ضرب ۽ جملا لکندا رهندا آهيون، مون کي الجبرا ڪرڻ پسند آهي، ڪرش چيو ته ايتري تائين جو 11 پلس گريڊ جا سخت امتحان جيڪي چونڊ اسڪولن ۾ داخلا جو اندازو لڳائڻ لاءِ بڻايا ويا هئا، اهي به ڪرش کي ڪافي آسان لڳن ٿا.