ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پراسرار نموني گم ٿي مذھب مٽائي پيار جو پرڻو ڪندڙ ڪوٽ غلام محمد واسي ناري ديوتا ڪماري ميگهواڙ جي وارثن پريس ڪلب آڏو سندس بازيابي لاء احتجاج ڪري ٻارڙي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، نينگري جي وارثن ۽ دراوڙا اتحاد جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ڪوٽ غلام محمد واسي بااثر مير شاھد ٽالپر اسان جي 10 ورھين جي معصوم نياڻي ديويا ڪماري ميگھواڙ کي اغوا ڪري سندس زبردستي مذھب تبديل ڪرائي شادي ڪري ڇڏي آھي، جڏهن  ته  نياڻي اڃا نابالغ آهي،  سندس عمر ڏهه سال آهي، قانون مطابق سندس شادي ڪرڻ جي عمر ئي ناھي، ھڪ مھيني کان معصوم نياڻي جي بازيابي لاءِ در در دانهي رھيا آھيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي، اعليٰ اختياريون نوٽِيس وٺي نياڻي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪن.