لاهور(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ باني خلاف 10 ارب رپين جي ڏنڊ واري دعويٰ جي سلسلي ۾ وڊيو لنڪ ذريعي لاھور جي عدالت ۾ پيش ٿيو، ڪيس جي ٻڌڻي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته “جج صاحب، توهان سميت عدالت ۾ موجود سڀني کي فتح مبارڪ هجي” جنهن تي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته” اِها ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، سڄي قوم جي فتح آهي.“ ٻڌڻي دوران، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل آڏي پڇا ڪندي شهباز شريف کان سوال ڪيو ته ڇا اِهو صحيح آهي ته توهان ڪيس ۾ اخبارن کي ڌر نه بڻايو ۽ نه ئي ڪو ليگل نوٽيس ڏنو؟ ڇا ان جو ڪارڻ اِهو هو ته پي ٽي آءِ باني پاڻ اخبارن کي بيان جاري نه ڪيو هو؟ شهباز شريف جواب ڏيندي چيو ته 28 اپريل 2017ع تي پي ٽي آءِ باني ِ پريڊ گرائونڊ ۾ جلسو ڪيو، جنهن جي خبر ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ ڇپي. جڏهن وڪيل شهباز شريف کان پڇيو ته پاناما ڪيس جي فيصلي جو ڇا ٿيو هو؟ شهباز شريف جواب ڏنو ته پاناما ڪيس سندس خلاف نه هو، ان ڪري فيصلي جو پتو نه آهي، وڪيل پڇيو ته پاناما ڪيس ۾ ڪهڙين پارٽين کي ڌر بڻايو ويو هو؟ وزيراعظم جواب ڏنو ته مان ان ڪيس ۾ ڌر نه هئس، پر اهو سڀ ڪجهه رڪارڊ جو حصو آهي. ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.