هڱورجا  (ن پ ا) ھائير سيڪنڊري اسڪول ھڱورجا جي سينئر استاد محمد صالح سولنگي جي گھر ۾ لکين رپين جو ڌاڙو، چار نامعلوم ھٿياربند گھر ۾ گھري استاد محمد صالح سولنگي ۽ سندس گھر ڀاتين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 5 تولا سونا زيورات، 65 هزار روڪ،  3  موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان  ڦر ڪري فرار ٿي ويا.  اطلاع تي ھڱورجا پوليس پهچي تفصيل معلوم ڪيا. آخري اطلاعن تائين ڌاڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.