ھڱورجا (ن پ ا )ھڱورجا ۽ رسول آباد ۾  بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ جي  ٻن مختلف واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ھڪ شديد زخمي. تفصيلي خبر موجب  ھڱورجا ۽ رسول آباد ۾ بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ جي ٻن مختلف واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. پھرين واقعي ۾ هڱورجا جي غريب آباد محلي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان محمد صديق سومرو فوت ٿي ويو اسراراحمد سومرو زخمي ٿي پيو، جنهن کي هڱورجا اسپتال ۾ ابتدائي طبي امداد ڏيڻ  بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. فوتي نوجوان محمد صديق سومرو جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو. جڏھن ته ٻئي واقعي ۾ رسول آباد جي ڳوٺ ڪامريڊ نور  محمد شنباڻي جو رهواسي نوجوان ذولفقار شنباڻي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.