ھڪ جپسي ڪالم … راتين جي آسماني دنيا …

0
172
ھڪ جپسي ڪالم ... رات ۽ ڪمپيوٽر تي جھڪيل ھڪ پاڇو

 مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آھي 1986ع ڌاران جڏھن زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو منھنجي ملاقات آسمانن جي ھڪ پڇڙ تاري يعني ڪاميٽ “ھيلي” سان ٿي ھئي، ھي اھو دور ھو جڏھن مان ڳوٺ مان صبح جو 6 وڳي نڪري اسلاميه ڪاليج سکرَ ۾ انٽرميڊيٽ جا ڪلاس وٺندو ھوس ۽ شامَ جو ڳوٺ موٽندوھوس. منھنجي جيون جو اھو دور ھر شئي کي عجب وچان ڏسڻ ۽ پرکڻ جو دور ھو، وڻ ٽڻ ۽ پکي پکڻ، انھن جو ٻوليون ۽ لھجا عجيب لڳندا ھئا. ان کان اڳ ۾ ئي ھاءِ اسڪول پريالوءِ ۾ سائين نيازمحمد بلوچ جھڙي استاد ۽ لائبريرين جي ڪري ڪتابن ۽ اخبارن سان عشق جو آغاز ٿي چڪو هو، شروع شروع ۾ مون کي ٽارزن جون ڪھاڻيون ڏاڍو موھينديون هيون ۽ ھن جي ايڊوينچرز ۾ انوالوَ ٿيڻ جي ڪري رات دير تائين لالٽين جي روشنيءَ ۾ ڪتاب پڙھبا هئا ۽ زندگيءَ کي ڪتابن جي اوٽ مان ڏسڻ جي نئين نئين عادت پروان چڙھي رھي ھئي. ان دور ۾ مان پنھنجي ڪاليج ٽائيم جو فارغ وقت اسلاميه ڪاليج جي سامھون معصوم شاھ لائبريريءَ ۾ اخبارون رسالا ۽ ڪتاب پڙھڻ ۾ گذاريندوھوس. مرحوم سائين موسوي صاحب لائبريرين ھوندا هئا، ۽ انھن کي ھر پاٺڪ جي چوائس ۽ پسند جي خبر ھوندي ھئي، ان ڪري ھو انھن سان انھن جي ئي ڪتابن جي حوالي سان تعلق ۾ رھندا ھئا. مون پھريون دفعو يوناني ليکڪ نڪوس ڪازانت زاڪس جو ڪتاب “زوربا دي گريڪ” ھتي پڙهو ھو، مان کوڙ ڏھاڙا ان ڪتاب جي نشي ۾ رهو ھوس. ان ڪتاب جو اثر مون تي پوري زندگي رهيو آھي جو، اڄ به منھنجي دوستي معاشري جي انھن ڌڪاريل پڪين ۽ پوڙھين عورتن سان آھي جن وٽ وقت جو ڏنل وڏو علم ۽ ڪمال ليول جي پريت خلوص ڪنان تار ڀريل آھي، مون انھن عورتن کي ڪڏھن به بي وفا نه پاتو آھي، اگر ممتاز بخاريءَ جھڙي ئي منھنجي به لکڻ جي ائنٽَ کليل ھجي ھا ته انھن عورتن جي وفا ۽ ڀروسي تي ڏھاڪو کن ناول لکي وڃان ھا.

اھڙي ئي ھڪڙي ريلوائي ڪردار “ماڌوريءَ” سان مون ممتاز کي متعارف ڪرايو ھو جنھن جي زندگيءَ تي آڌارت ھن جو ناول “ڪلاس فور جي محبوبه” اڄ دنيا جي الاھي ساترن ٻولين ۾ ترجمو ٿي رهيو آھي.

ڳالھه کڻون ٿا پڇڙ تاري “ھيلي” جي، جنھن سان منھنجي ملاقات ۽ واقفيت  1986ع ۾ ٿي ھئي، “ ھيلي پڇڙ تارو ھر 75 سالن ۾ ڌرتيءَ جي ڀِڪَ مان گذري ھڪ پورو چڪر مڪمل ڪندو آھي. 1986ع جي 8 مارچ واري رات ۾ مان پنھنجي ڳوٺ جي گھر جي ڇت تي ستو ھوس ۽ ان پڇڙ  تاري سان اڌ رات مھل ملاقات ڪئي ھيم. رات جي آڪاسَ ۾ ھڪ ڊگھي لڪير جي اڳيان ماچيس جي تيليءَ جو ڄڻ ڪوئي ٻرندڙ سِرو ھجي، ائين اھو سِرو پوريءَ رات نظرجندو رهيو ھو ۽ ان پڇڙتاري کي ھاڻي 75 سالن بعد اسان جي پڙپوٽن جا پڙپوٽا 4 آگسٽ 2061 جي رات جو ڏسي سگھندا. انگريز فلڪياتدان ايڊمنڊ ھيلي ان پڇڙتاري کي دريافت ڪيو ھو، ھُو 8 نومبر 1656ع تي ڄائو ۽ 25 جنوري 1742ع تي گذاري ويو. ھن پنھنجي فلڪياتي ڪم جي حوالي سان جڳ مشھور فزڪس ماھر سر آئزڪ نيوٽن سان به ملاقاتون ڪيون هيون.

 جنھن کيس ھيلي پڇڙتاري جي آربٽ يا دائري بابت حساب ڪتاب سڌو ڪري ڏنو ھو ته ھي پڇڙتارو وري ڪڏھن ظاھر ٿيندو … ان حساب مطابق ٻيو ڀيرو ھي پڇڙتارو 1986 ۾ ظاھر ٿيو ھو جنھن جو مون پنھنجي ڳوٺ جي ڇت تان ديدار ڪيو ھو. ھاڻي اھو پڇڙتارو 4 آگسٽ 2061 ۾ اسان جي ھن ڌرتيءَ جي ڀڪ مان گذرندو، تيسيتائين خبر ناھي اسان جي ھن ڌرتي تي زندگي موجود رھندي به الاءِ نه، ڇو ته موسمياتي پئراميٽرس  ڏيکاري رهيا آھن ته انساني کيچلن جي ڪري ڌرتي پنھنجيون اصلوڪيون حالتون تيزيءَ سان وڃائي رھي آھي، جھنگلن جا جھنگل صاف ڪري شھري رٿائون ڌرتيءَ کي گرميءَ جي مند ۾ٽامي جيان تپائي رهيون آھن ته وري سياري جي راتين ۾ سرديون ايتريون ته وڌي ويون آھن ڄڻ ته رت رڳن ۾ ئي ڄمي ويندو.. ان کان علاوه ايلون مسڪ ھڪ ٻي ڌرتيءَ جو جھان اسان جي پاڙيسري گرھ مريخ تي جوڙڻ وڃي رهيو آھي، جتي اڳ ۾ ئي ناسا ۽ چين جا روورس روبوٽ گھمي ڦري وايو منڊل جي ريڪارڊنگ ڪري رهيا آھن. مريخ اسان جي ڌرتيءَ کان 123.66 ملين ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سج کي آربٽ ڪري رهيو ۽ ھن جي ڳاڙھسري ڌرتيءَ جو صبح ۽ شام نيرڙي رنگ جا ٿين ٿا، جڏھن ته اسان جي ڌرتيءَ جي شام وري ڳاڙھسري ٿئي. پئسي وارا واپاري ماڻھو مريخ تي انساني ڪالونيون ٺاھڻ وڃي رهيا آھن. ڌرتيءَ ۽ مريخ ۾ 80 سيڪڙو ھڪجھڙايون آھن.

 ڏينھن رات به لڳ ڀڳ ھڪ جيترا آھن پر مريخ جو گرمي پد رات مھل ڪاٽو ستر ٿي وڃي ٿو، جنھن ڪري اتي اھڙا گھر ٺاھڻا پوندا جھڙا نارٿ پول جا اسڪيموز ماڻھو ٺاھيندا آھن يعني اِگلو طريقي جا. انھن گھرن ۾ ڌرتيءَ وارو ماحول ٺاهيو ويندو … پر ٻاھر جي فضا ۾ وڃڻ لاءِ ايئر بئگز جي ضرورت پوندي. چوڻ جو مطلب ھي آھي ته ھيءَ پنھنجي سون ورني ڌرتي جتي ھر شئي مفت ۽ وافر مقدار ۾ مليل آھي، ان جو ڪو قدر ڪونھي، ڌرتيءَ جي مفت ريسورسز کي اھم سمجھڻو ئي ناھي ۽ ڪروڙين اربين ڊالر خرچ ڪري مريخ ۾ انساني ڪالونيون ٺاھي، وري ٻيھر ٻڙيءَ کان انساني سفر جي شروعات ڪرڻي آھي!! تڏھن ئي ته قرآن مجيد ۾ واضح طور چيو ويو آھي ته “انسان ڦرڻو گھرڻو ۽ غير مطمئن مخلوق آھي ” ڇو ته انسان کي پنھنجي پر ۾ ڪٿي به سڪون سان ناھي ويھڻو. اھي مريخي ايڪپيڊيشنز انسان جي رولاڪ طبيعت جون وڏيون نشانيون آھن.

اڄ ڪلھه ھڪ نئين ڪاميٽ يا پڇڙتاري جو ذڪر عام جام سوشل ميڊيا تي ٿي رهيو آھي، مون جڏھن سائين الفت حسين پتافيءَ جي پوسٽن جي پڙتال ڪئي ته خبر پئي ته ھڪ نئون پڇڙتارو اسان جي ھن سورج منڊل جي بنھه ويجھو پھچي ويو آھي جنھن کي  زيڊ ٽي ايف جو نالو ڏنو ويو آھي، اھو تارو ھر پنجاھ ھزار سالن بعد ڌرتيءَ جي ڀڪ مان گذري ويندو آھي اھو ڪاميٽ جنھن جو سِرو سائي رنگ جو آھي پنھنجي پويان برف ۽ خلائي ڌوڙ جي ھڪ ڊگھي پڇڙي ڇڏيندو تيزيءَ سان انسان جي سورج منڊل طرف وڌي رهو آھي، پر فڪر ڪرڻ جي ڪا ڳالھه ڪانھي ڇو تھ ھن جو دائرو اسان کان 26 ملين ميل پري آھي ۽ ھو ھن سال 1 ۽ 2 فيبروريءَ جي رات ڌرتيءَ جي ڪجھه حصن ۾ ڪنھن به عام دوربين سان ڏسي سگھبو. ان کان اڳ ۾ اھو تارو جڏھن ڌرتيءَ جي ڀڪ مان گذريو ھو ته ان وقت ڌرتيءَ تي نينڊرٿل انسانن جو دور هو جيڪي اڄ جي انگلينڊ ۽ سائبيريا پاسي ڌرتيءَ تي رھندا هئا. ھي پڇڙ تارو وري جڏھن ھتان گذر ڪندو ته خبر ناھي اھو ھن ڌرتيءَ جو ڪھڙو دور ھوندو.. ڌرتيءَ تي زندگي ھوندي به الائي نه… ان ڪاميٽ کي ڏسڻ لاءِ شوقين دوستن کي ڪنھن ڏورانھين جاءِ تي وڃڻو پوندو، جتي شھر جي روشنين جي پليوشن نه ھجي.. مان ھڪ ڀيري گڊس ٽرين سان اپ سائيڊ ڪنٽري وڃي رهو ھوس ته ڪنھن مسافر ايڪسپريس ٽرين کي رستو ڏيڻ لاءِ اسان جي مال گاڏي روھڙيءَ جي ڀڪ ۾ ھڪ ننڍڙي اسٽيشن منڊوديرو تي لوپ ڪري بيھاري وئي، مان جڏھن پنھنجي بريڪ تان ھيٺ لٿس ته رات جا ڏھ کن ٿي رهيا هئا ۽ منڊي ديري جي رات جو آسمان ايترو ته چٽو ۽ تارن سان ڀريل هو جو مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن به ايترا لکين ڪروڙين  تارا اڀ ۾ ڪونه ڏٺا هئا.. ستارن کي ڏسڻ جو مزو ئي ڳوٺن ۾ ۽ جھنگلن ۾ آھي.. اڄ ڪلھه ته ڪجھه شوقين ماڻھو پھاڙن يا جھنگلن ۾ ڪئمپون ھڻي پنھنجي ڪئمرائن کي ٽرائپوڊس تي رکي آن ڪري سمھي پون ٿا ۽ صبح جو ريڪارڊنگ کي ٿورو فاسٽ فارورڊ ڪري ڏسن ٿا ته ڌرتيءَ جي موومينٽ صاف صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ آسمانن جو جھان ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي موومينٽ ڪندي نظر اچي ٿو.

آخر ۾ انھن دوستن کي صلاح آھي جيڪي فلڪياتي جھانن ۾ دلچسپي رکن ٿا اھي ڪائي به فلڪياتي اپليڪيشن پنھنجي اينڊرائڊ فون ۾ انسٽال ڪري ان پڇڙتاري جي موومينٽ ٽريس ڪري سگھن ٿا، مان ذاتي طور تي اسٽيليريم نالي ائپ کي گھڻو پسند ڪندو آهيان ان جي مدد سان مان ڪنھن به ستاري يا سياري جي موومينٽ ڏسي سگھندو آهيان ۽ ان اپليڪيشن ۾ زيڊ ايف ٽي نالي وارو پڇڙتارو ھن مھل اتر پاسي ڌرتيءَ جي بلڪل ڪگار تي انڊيڪيٽ ٿي رهيو آھي.