ھڱورجا (ن پ ا ) ھڱورجا لڳ ٻڪريون چارڻ لاءِ نڪتل پيرسن جو برساتي پاڻيءَ مان لاش ھٿ آيو. تفصيلي خبر موجب ھڱورجا لڳ ڳوٺ واٽيا جو رھواسي پيرسن صابر علي واٽيو گذريل ڏينھن ٻڪريون چارڻ لاءِ گھران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو ھو، جنھن جو ھڱورجا شھر سامھون پير حاجي ڪمال الدين قريشي قبرستان وٽ برساتي پاڻيءَ جي تلاءَ مان لاش ھٿ آيو. اطلاع ملڻ تي وارثن پھچي لاش کڻائي گھر آندو. وارثن موجب صابر علي گذريل ڏينھن ٻڪريون چارڻ لاءِ نڪتو ته واپس نه موٽيو، جنھن جي ڪافي تلاش ڪئي وئي ۽ اڄ لاش مليو.