ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ھندن جو مذھبي ڏڻ دسهڙو مذھبي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو، ميرپور خاص ۾ ھنومان شيوا منڊلي پاران مساڻ واري شو مندر ۾ راوڻ جو پتلو ساڙيو ويو، شري رام چندر جي پوجا پاٺ ڪري ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعائون گھريون ويون، غوثپور ۾ شھر جي قديم بابا غريب داس مندر ۾ دسھڙي جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ ويھن کان وڌيڪ ٻارڙن جا وار ڪوڙائڻ (جنڊ لاهڻ) جي رسم ٿي، ان موقعي تي ٻارڙن جي مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ رسم پوري ٿيڻ کانپوءِ ھڪ ٻئي کي مٺايون کارائي خوشي جو اظھار ڪيو ويو.