ھمايون شريف ۽ ڀرساسي ۾ ارڙي تي ضابطو نه آيو، 2 ٻارڙيون فوت

0
574

ھمايون شريف ۽ ڀرساسي ۾ ارڙي وبا تي ضابطو نه اچي سگھيو، ارڙيءَ وگهي وڌيڪ ٻه گلن جھڙيون معصوم نينگريون فوت ٿي ويون، ڳوٺ رسول بخش چانڊيو ۾ معصوم نينگري 8 مھينن جي افسانا ڌيءَ شاھنواز چانڊيو ۽ ڳوٺ سھراب ڪاڪيپوٽو ۾ ٻن سالن جي معصوم نينگري سونيا ڌيءَ اصغر ڪاڪيپوٽو ارڙي وگهي فوت ٿي ويون، ھمايون شريف ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ صحت کاتو ارڙي تي ضابطو نه آڻي سگهيو جنهن سبب 2 مھينن اندر ارڙي ۾ فوت ٿي ويل معصوم ٻارن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ ۽ ڊاڪٽر ڊيوٽي تان اڪثر غائب رهن ٿا.