ھمايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف لڳ ڳوٺ ابدال ڀرچونڊ ۾ ملڪيت جي مامري تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، واقعي بعد جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب همايون شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابدال ڀرچونڊ ۾ وڏي ڀاءُ الله واڌايو ڀرچونڊ ملڪيت جي مامري تان پسٽل جا فائر ڪري ننڍي ڀاءُ 38 ورھين جي عبدالرحمان کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي همايون شريف پوليس واقعي واري جاءِ تي پھچي مقتول جو لاش تحويل ۾وٺي سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڀائرن وچ ۾ ملڪيت جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن ۾ وڏي ڀاءُ فائرنگ ڪري ننڍي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو.