ھر بال تي ڇڪو ۽ چوڪو: انگلينڊ ڀارت جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، فائنل ۾ پاڪستان سان مھاڏو اٽڪائيندو

0
185

بھارت کو سیمی فائنل میں بدترین شکست، پاکستان اور انگلینڈ فائنل میں مدمقابل ہونگے

انگلينڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، انگلينڊ جي ڪپتان جوس بٽلر ۽ ايلڪس هيلز 170 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي

آءِ سي سي ٽورنامينٽ جو ٻيو سيمي فائنل آسٽريليا جي شهر ايڊيليڊ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ انگلينڊ جي ڪپتان جوس بٽلر ٽاس کٽي ڀارتي ڪپتان روهت شرما کي بيٽنگ جي دعوت ڏني

ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 168 رنسون ٺاهيون ۽ انگلينڊ کي 169 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو

ڀارت طرفان هاردڪ پانڊيا 33 بالن تي 63 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 4 چوڪا شامل هئا، ان کان علاوه ويرات ڪوهلي هن ورلڊ ڪپ ۾ چوٿون ڀيرو 50 رنسون ٺاهيون

ڀارت طرفان ڪي ايل راهول 5 رنسون ٺاهي ڪپتان روهت شرما 27، سوريا ڪمار 14 ۽ رشڀ پنت 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، جڏهن ته انگلينڊ طرفان ڪرس جورڊن 3، ڪرس ووڪس ۽ عادل رشيد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي

ٽاس کانپوءِ ڳالهائيندي روهت شرما چيو ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽي ها ته پهريان بيٽنگ ڪريون ها

گذريل ڏينهن پهرين سيمي فائنل ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو هو، ورلڊ ڪپ جو فائنل 13 نومبر آچر تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيو ويندو

ھي به پڙھندا

پاڪستاني ٽيم جي شاندار ڪاميابي تي جشن، گرين شرٽس کي واڌايون