ھاڻي بند ڪمرن ۾ فيصلا نه ٿيندا: فواد چوڌري

0
184

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آھي تھ پهرين بند ڪمرن ۾ جيڪي فيصلا ٿيندا هئا، هاڻي اُهي نه ٿيندا، هاڻي جيڪي ووٽرز کي دوکو ڏيندا، اُنهن جي ڪابه حيثيت نه هوندي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته 20 ڏينهن اڳ حڪمران اتحاد جي اليڪشن ڪميشن سان ملاقات ٿي هئي، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

ھن ٻڌايو تھ   اليڪشن ڪميشن ٽنهي پارٽيز جي ڪيس تي فيصلو ٻڌائي ته جيئن عوام کي ڀيٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي

ٻئي پاسي نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته عمران خان کان بار بار پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت سوال پُڇنداسين، برطانوي اخبار ٻڌائي ڇڏيو آهي ته خيرات جو پئسو ڪيئن پي ٽي آءِ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيو

ھن چيو تھ  پي ٽي آءِ 8 سالن کان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو روڪرائڻ لاءِ بهانا ڪري رهي آهي، عمران خان پنهنجي صادق ۽ امين هجڻ جو ثبوت ڏئي