ھالا ڀرسان موبائل تي ڳالهائڻ دوران مڙس جو زال تي حملو

0
224

ھالا ڀرسان موبائل تي ڳالهائڻ

ھالا (ن پ ا) هالا ڀرسان موبائل فون تي ڳالهائڻ دوران مڙس پنهنجي زال تي ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي

ڳوٺ سعيد خان لغاري ۾ ساجن لغاري مبينا طور تي غير ماڻهن سان فون تي ڳالهائڻ جي شڪ تي پنهنجي گهرواري 23سالن جي شبانا لغاري تي ڪهاڙين سان حملو ڪيو

گهرواري تي حملو ۽ کيس مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي گهر ۾ موجود ڀاتين جي وچ ۾ پوڻ تي ڪهاڙي جو ڌڪ لڳڻ تي مسمات شبانا لغاري جي ڳچيءَ ۽ نڪ ۾ شديد ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي جنهن کي گهر ڀاتين نازڪ حالت ۾ تعلقه اسپتال ھالا پهچايو

ڊاڪٽرن عورت جي حالت خراب هجڻ ۽ رت وڌيڪ نڪرڻ تي فوري طور سول اسپتال حيدرآباد اماڻي ڇڏيو

ٻئي طرف زال تي ڪهاڙي سان حملو ڪري زخمي ڪندڙ مڙس ساجن لغاري فرار ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جو ھالا ٿاڻي تي ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ڪرايو ويو

ھي به پڙھندا

ٽنڊو محمد خان: پاندي واهه ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ناري قتل

ميان صاحب ڀرسان مبينا جهيڙي دوران فائرنگ ۾ ناري قتل