ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ويجهو ڳوٺ تي ھٿياربندن جو مبينا حملو، فائرنگ، ڌريون مورچا بند. خبر موجب ڳوٺ شير علي جعفري ۾ توفيق جعفري ۽ دلدار بکراڻي جي ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان ھلندڙ پراڻي تڪرار تان مبينا طور هڪ ڌر جي ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ڪري علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ھلندڙ فائرنگ بند ڪرائي، ڳوٺاڻي توفيق جعفري ٻڌايو ته 20 لک رپيا ڀتو نه ڏيڻ تان مهٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.