ڳڙھي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ ھلندڙ بروھي ليڙواڻي خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ بروھي برادري جا ماڻھو منٿ ميڙ قافلو وٺي ليڙواڻي برادري وٽ ٺاهه لاءِ ڳوٺ علي مردان بليدي پھتا، 21 فيبروري تي قتل ٿيل واپاري بشير ليڙواڻي ۽ فاروق ليڙواڻي جي وارثن وٽ فائق جمالي، جاويد بليدي، حاجي غلام مصطفيٰ رند، عبدالواسع قريشي ۽ ٻيا منٿ ميڙ قافلو وٺي پهتا، جن وارثن لياقت بليدي، مانجھي بليدي، سليمان بليدي ۽ ٻين کي قرآن پاڪ جا واسطا ڏئي ٺاهه جي اپيل ڪئي، جنھن تي مقتولن جي وارثن چيو ته بروھي برادري جي ماڻھن ناجائزي ڪري اسان جا ٻه ماڻھو ماريا، جڏھن ته اسان جو جھيڙي سان ڪو به تعلق نه ھو. هنن چيو ته اسين قرآن ۽ اميرن کي مان ڏيندي ھڪ شرط تي خير ڪرڻ لاءِ راضي آھيون ته بروھي برادري اسان جي نوجوانن جي قتل ۾ مخبري ڪندڙن جا نالا ھڪ مھيني ۾ ٻڌائي، ٻئي طرف ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته ليڙواڻي برادري ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏنو آھي ۽ ڌرين جو ٺاهه ھڪ مھيني ۾ ڪيو ويندو، ھنن وڌيڪ چيو ته ڪجهھ معاملا آھن جن کي ڪجھه ڏينھن ۾ حل ڪيو ويندو، واضح رهي ته تڪرار ۾ ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا پنج ڄڻا قتل ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي چڪو آھي.