ڳڙھي ياسين (  رپورٽ: حزب الله پيرزاده)ڳڙھي ياسين شھر سميت آس پاس وارن علائقن ۾ موٽرسائيڪل ڦر جي وارداتن ۾ تيزي اچي وئي، ڳوٺ ڊپٽي بنگلو جي ڳوٺاڻي منٺار ديناري کي ھٿياربندن آغا نظام الدين باغ وٽ روڪي تشدد جو نشانو بڻائي موٽرسائيڪل، موبائل ۽ 20 ھزار روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي، ڳوٺاڻن منٺار ديناري جي اڳواڻي ۾ ڦر واقعي خلاف لاڙڪاڻو شڪارپور اندس ھاءِ وي کير ٿر ڪئنال پل تي ڌرڻو هنيو. منٺار ديناري، عبدالجبار ديناري، سائين بخش ديناري، گلشير ديناري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس نالي ڪو ادارو ئي ناھي، ڳوٺاڻا روز ڦرجي رھيا آھن، اهلڪار ۽ آفيسر ٿاڻي کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھن. منٺار ديناري جو چوڻ هو ته ڳوٺ کان ڳڙھي ياسين اچي رھيو ھيس ته 7 ھٿياربندن روڪي تشدد ڪري موٽرسائيڪل، موبائل، 20 ھزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ٻن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻايو، ڦر جو اطلاع ڏيڻ ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي وياسين ته ايس ايچ او ملڻ لاءِ تيار نه ھو،ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين مسافر گاڏيون بيھجي ويونايس ايڇ او ڊکڻ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ديناري برادري جي ماڻھن سان ڳالھيون ڪيون ۽ لکت ڪئي وئي ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪل روڪ رقم ۽ موبائل شام تائين واپس ڪرائي ڏني ويندي جنھن بعد روڊ کوليو ويو.