ڳڙهي خيرو/شهدادڪوٽ (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جي خوني راند جاري، ڳڙهي خيرو ۾ پُراڻي تڪرار تان هڪ ئي ڪٽنب جي 6 ڀاتين سوڌو 8 ڄڻا قتل، ڳوٺ ڪالو ڪٽوهر ۾ هٿياربندن گهر تي حملي دوران انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، ٽن معصوم ٻارن ۽ هڪ عورت سوڌو 6 ڀاتي قتل، مارجي ويلن ۾ 50 سالن جو محمد بچل، غلام سرور، سندس زال مور زادي، هڪ سال جو عبدالجبار، ٽن ورهين جو راجا خان ۽ پنج سالن جو شاهزيب ڪٽوهر شامل، ڪٽوهر برادري جي هٿياربندن جو پلاند ۾ شهدادڪوٽ جي ڳوٺ نور محمد جلباڻي تي حملو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ممتاز جلباڻي ۽ محمد بخش جلباڻي شامل، پوليس ڳڙهي خيرو ۽ شهدادڪوٽ جي اسپتالن مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڳڙهي خيرو ۾ جلباڻي ۽ ڪٽوهر برادري جي ٻن ڌُرين ۾ خوني تڪرار بچل ڪٽوهر جي ڪٽنب کي ئي ختم ڪري ڇڏيو، سندس ڪٽنب مان بچي ويل هڪ نينگر کي پوليس حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، علائقي واسين ڪٽوهر ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ خوني ويڙهاند جي هنيانءُ ڏاريندڙ وارتا بيان ڪندي چيو آهي ته ڪٽوهرن جي ڌُر طرفان پلاند ۾ ماريل ٻن مان هڪ ڄڻي جو لاش باهه ۾ اڇليو ويو هو، هٿياربند گهرن کي باهه ڏيڻ بعد فرار ٿي ويا، مارجي ويلن ۾ لاڙڪاڻي مان مهمان ٿي ويل ممتاز جلباڻي به شامل آهن.