ڳڙهي خيرو/دوداپور (نمائندن وٽان) ڳڙهي خيرو ويجهو گذريل ڏينهن قتل ٿيل 6 ڄڻن جي قتل واري واقعي جو 20 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي، علائقي ۾ خوف وارو ماحول، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، خبر موجب ڳوٺ قالو ڪٽوهر ۾ گذريل ڏينهن ھٿياربندن هٿان ٽن معصوم ٻارڙن سميت 6 ڄڻن جي قتل جو ڪيس پنهون ڀٽي ٿاڻي تي 18 سڃاتل ۽ 2 اڻ سڃاتلن سميت 20 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، قتل ٿيل محمد بچل ڪٽوهر، غلام سرور ڪٽوهر، مورزادي ۽ 3 معصوم ٻارڙن شاهزيب، راجا ۽ عبدالجبار ڪٽوهر جي قتل جو ڪيس مقتول محمد بچل ڪٽوهر جي ڀيڻ حليمه ڪٽوهر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ رفيق، گلشير، عبدالرشيد، قربان، رتل، خدن، ربڏنو، عبدالجبار، ياسين ۽ امان الله جلباڻي سميت 18 سڃاتل ۽ 2 اڻ سڃاتلن سميت 20 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ مقتولن جي تڏي تي پھچي پوئينرن کي خاطري ڪرائي ته 6 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ فراھم ڪيو ويندو، واقعي سبب علائقي ۾ بدستور خوف واري صورتحال آهي ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.