ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) شھيد بينظير ڀٽو لائبريري ۾ ڪتاب ۽ ٻين سھولتن جي اڻهوند خلاف شاگردن حنيف رئيساڻي، حسن اعجاز بروھي احتجاج ڪندي چيو ته لائبريري ۾ بجلي، ڪتاب ۽ اسٽاف سميت تمام سھولتن جي کوٽ آهي، مطالعي ۾ پريشاني  ٿئي ٿي. شاگردن دانھيو ته لائبريري ۾ آئوٽ آف ڊسٽرڪٽ ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن جنھن ڪري لائبريري اڪثر بند رھي ٿي. شاگردن سنڌ حڪومت جي اختيارين کان شھيد محترمه بينظير ڀٽو لائبريري کي مڪمل فعال ڪري ڪتابن سميت تمام سھولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي