لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) ڳڙھي خيرو مان هفتو اڳ ريلوي لائن ڀرسان 60 ورهين جي لاوارث  پيرسن عورت زخمي  حالت ۾ ھٿ آئي هئي جنهن کي علائقي واسين کڻائي ڳڙھي خيرو اسپتال منتقل ڪيو  ويو جڏهن ته پيرسن عورت کي اسپتال انتظاميه علاج ڏئي وارثن جي ڳولا ڪئي وارث نه ملڻ تي اسپتال انتظاميه پاران پيرسن عورت کي ايڌهي سينٽر لاڙڪاڻي حوالي ڪري ڇڏيو ان حوالي سان ڳڙھي خيرو اسپتال جي ايم ايس محمود رياض منگي جو چوڻ ھو ته هفتو اڳ ڳڙهي خيرو ريلوي لائن ڀرسان زخمي ٿيل پيرسن عورت ملي هئي جنهن کي علائقي واسين اسپتال منتقل ڪيو جنهن پنهنجو نالو يا ذات نه ٻڌائي نه ڪوئي وارث ظاهر ٿيو انڪري ايڌي سينٽر  حوالي ڪيو ويو آھي ھوڏانھن ايڌي رضاڪارن جو چوڻ ھو ته ڳڙھي خيرو اسپتال جي ايم ايس پاران پيرسن عورت ايڌي سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ڪيو جنهن جا وارث نه ملڻ تي عورت کي ڪراچي ايڌي هوم موڪلي ڇڏيو آھي.