ڳڙهي خيرو/سجاول جوڻيجو (نمائندن وٽان) ڳڙهي خيرو ۽ سجاول جوڻيجو ۾ ارڙي ڦهلجي وئي، هڪ نينگري فوت، ڪيترائي مبتلا. صحت کاتو خاموش. خبر موجب ڳڙهي خيرو تعلقي جي ڳوٺ نور محمد لھر ۾ پنجن ورھين جي ساران ڌيءُ محمد صديق لھر ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جڏھن تي ساڳي ئي ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، جن جو خانگي اسپتالن مان علاج ڪرايو پيو وڃي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جي ڪا به سهولت موجود ناهي. هوڏانهن سجاول جوڻيجو لڳ ڳوٺ پنهل ڀٽي ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿيڻ سبب بستري ڀيڙا ٿي ويا آهن، مريض ٻارڙن ۾ حسنين ڀٽي، ضيا ڀٽي، آصفا، ذيشان ڀٽي، عيان علي ۽ ٻيا شامل آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته صحت کاتي کي بيماري ڦهلجڻ جو اطلاع ڏنو آهي پر هن وقت تائين ڪو به قدم ناهي کنيو ويو.