ڳڙهي حسن (ن پ ا)  ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد نصرالله موڙ تي ڪارنهن مامري تان ٽانوري ۽ سرڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب چار ڄڻا خميسو سرڪي، منظور سرڪي، قربان سرڪي، ۽اصغر سرڪي زخمي ٿي پيا،  زخمين وارثن ٿاڻي تي منتقل ڪيو جٿان اين سي بعد ريفر ليٽر وٺي ٺل اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس موجب ٽانوري برادري جي ماڻهن سرڪي برادري مٿان ڪارنهن تهمت مڙهي جهيڙو ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.