ڳڙهي حسن (ن پ ا) ڳڙهي حسن ٿاڻي تان چوري الزام ۾ فرار ٿيل جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.ڳڙهي حسن پوليس علي رضا بروهي کي ٻيهر گرفتار ڪري  لاڪپ ڪيو. جوابدار مٿان ڳڙهي حسن ٿاڻي تي سولر پليٽون چوري جو ڪيس داخل آهي، پوليس موجب جوابدار کي ناڪابندي ڪري گرفتار ڪيو  آهي،کيس عدالت ۾ پيش ڪري ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو آهي.