شنگهائي (انٽرسٽنگ نيوز) چين ۾ ڳچيءَ جي مالش کانپوءِ هڪ صحتمند نوجوان فوت ٿي ويو آهي. جديد دور جي تيز رفتار زندگيءَ جي ذهني ۽ جسماني دٻاءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ مالش فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي پر چين ۾ هڪ نوجوان مالش سبب فوت ٿي ويو آهي. رپورٽن موجب 27 سالن جو زانگ نالي صحتمند شهري شنگهائي ۾ هڪ مالش جي پارلر ويو، جتي هن ڳچيءَ ۽ پُٺن جي مالش ڪرائي ۽ پوءِ وهنجڻ کانپوءِ گهر هليو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مالش ۽ وهنجڻ کانپوءِ زانگ کي چڪر اچڻ لڳا هئا، جنهن کانپوءِ وارثن نوجوان کي اسپتال کڻائي ويا جتي هن رات جي وقت دم ڏئي ڇڏيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڳچيءَ جي مالش سبب زانگ کي دماغي انفيڪشن ٿي ويو هو، ڇوته مالش سبب هن جي ڳچي پنهنجي جاءِ تان ٿڙي وئي هئي ان ڪري هن جو موت ٿيو.