ڳيريلو (ن پ ا ) ڳيريلي جي پرائمري اسڪول ون ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر عبدالمجيد لاشاري جي 12سال جي نياڻي  رابعا فوت ٿي وئي، ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي سندس چاچي صدام حسين لاشاري  ٻڌايو ته اسين يونين ڪائونسل گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ جانڊاهي جا رهواسي آهيون.هن دانهيندي چيو ته برسات کان ته بچي وياسين پر هاڻي بکن وگهي اسان جا ٻچا مري رهيا آهن. نينگري رابعا خوراڪ جي کوٽ سبب بيمار ٿي پئي، پئسا نه هئا جو ان جو ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي سگهون.نياڻي کي ڳيريلو جي اسپتال کڻي وياسين جتي بهتر علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي.هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي راشن ۽ علاج جي سهولت ڏئي اسان جون حياتيون بچايون وڃن، هوڏانهن معصوم نينگري جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.