ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلو ۾ ڪڪڙن جي معمولي ڳالھه تان بااثر  مزدور کي تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو،  ان حوالي سان متاثر مزدورشڪيل ککراڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته سال اڳ بااثر  ڌاري لاءِ ڪڪڙ ڏني، جيڪا پڻ بيماري سبب مري وئي هئي، جنهن جي مون کيس ڄاڻ ڏني هئي پر سال گذرڻ بعد ان مون کان اڄ ڪڪڙ جي عيوض پئسا ڀري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ، مون کيس ساڳيو موقف ورجايو ،جنهن تي بااثر  مڇرجي مون  کي  تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سروٽا هڻي سخت زخمي ڪيو، هن چيو ته پوليس دانهن نه ٿي ٻڌي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.