اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ڳورهارين عورتن کي ڪورونا ويڪسين هڻڻ کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. حڪومت طرفان جاري گائيڊ لاننز ۾ سائنو فارم، ڪين سائنو بائيو، سائنو ويڪ ۽ اسپوٽنڪ ويڪسين بابت هدايتون ڏنيون ويون آهن. گائيڊ لائنز ۾ چيو ويو آهي ته سائنو ويڪ جي ڳورهاري عورتن تي محدود ٽيسٽ ڪئي وئي آهي ان ڪري ڳورهاريون عورتون سائنو ويڪ ويڪسين ڪرائڻ کان پاسو ڪن، جڏهن ته سائنو فارم جو ڳورهارين تي تجربو ناهي ڪيو ويو ان ڪري اِها اميد وارين عورتن لاءِ ڪيتري محفوظ آهي ان جي ڊيٽا موجود ناهي. گائيڊ لائنز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪين سائنو بائيو ويڪسين جو ڳورهاري ۽ ٻارن کي کير پياريندڙ عورتن تي تجربو ناهي ڪيو ويو، ان ڪري هن جي اهڙين عورتن بابت سيفٽي ڊيٽا موجود ناهي. هدايتن موجب اسپوٽنڪ ويڪسين جي اميد وارين عورتن تي ڪيتريون ئي ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، انڪري اِها ويڪسين نه لڳرائي وڃي.