نئون ديرو (ن پ ا) نئين ديري جو صحافي لطيف سولنگي فيملي سان گڏ رتيديري کان نئون ديرو اچي رهيو ته وارهه بئراج پل وٽ هٿياربندن سندس گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نه بيهڻ تي مٿس فائرنگ ڪئي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس پيرا کنيا جيڪي کٽياڻ ڳوٺ وٽ لنڪ روڊ سان گم ٿي ويا، صحافي لطيف سولنگي جو چوڻ هو ته هوڏانهن ايس ايچ او ڳڙهي خدا بخش رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پڪٽ تي 2 اهلڪار محمد ابراهيم ٻپڙ ۽ عبدالله ڀٽو مقرر هوندا آهن، جيڪي موجود نه هئا، انهن جي غيرحاضري رپورٽ ڪڍي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي موڪلي آهي. جڏھن ته ايس ايس پي اهلڪارن کي لاڪ اپ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.