ٺٽو ( رپورٽر) ڳاڙهو ۾ 8 ورهين جي نينگري سان زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ گل احمد ميمڻ ٺٽو پهچي پريس ڪلب ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندس 8 ورهين  جي نياڻي شهزادي سان ٻن جوابدار رمون ميمڻ ۽ طفيل ميمڻ جنسي زيادتي ڪئي آهي. هن چيو ته سندس نياڻي 17 هين جون تي شام جو گھران رڪشاءَ ڪرڻ لاءِ ويهي ته رستي ۾ ٻن جوابدارن رمون ميمڻ ۽ طفيل ميمڻ جيڪي سندن پاڙيسري آهن معصوم نينگري شهزادي کي کڻي وڃي ان سان اجتماعي ڏاڍائي ڪئي هن چيو ته نياڻي جي شڪايت تي ته کيس پيشاب ۾ تڪيلف آهي بعد نجي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي لاءِ وٺي وياسي جتي ڊاڪٽرياڻي نياڻي سان ٿيل ڏاڍائي جو شڪ ظاهر ڪيو جنهن بعد هو ڳاڙهو ٿاڻي تي ويا جتي ڳاڙهو پوليس ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن رمون ميمڻ ۽ طفيل ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو هن چيو ته ڳاڙهو پوليس نياڻي کي ميڊيڪل چڪاس لاءِ سول اسپتال ٺٽو آندو. جتي پڻ نياڻي جميڊيڪل چڪاس ڪئي وئي آهي پر کين رپورٽ ناهي ملي. هن چيو ته اهڙي واقعي جي پڻ ڳاڙهو جي وڏيرن کي ڄاڻ ڏني وئي جن چيو ته هو کين سڱ چٽي لاءِ سندس 3 ورهين جي پٽ عبدالڪريم کي هڪ چوڪري ڏين ٿا. هن چيو ته سندس نياڻي جي ماءُ ٻه سال اڳ گذاري وئي آهي ۽ سندس معصوم نياڻي يتيم آهي جنهن سان جوابدارن ظلم ڪيو آهي هن چيو ته بااثر وڏيرا کين ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اهو به چئي رهيا آهن تو هو ڊاڪٽرن کي چئي رپورٽ ڪوڙي ڪڍرائيندا هن چيو ته وڏيرا جان جا ويري بڻجي ويا آهن هو گھر آڏو اچي ڌمڪيون ڏئي منجهن خوف و حراس پکيڙي رهيا آهن متاثر نياڻي جي والد گل احمد ۽ نياڻي جي ماما مقبول احمد ميمڻ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ، ڊي آئي حيدراباد ، ايس ايس پي ٺٽو عديل چانڊيو ۽ ٻين وس وارن کان معصوم نياڻي سان ٿيل زيادتي جي ازالي جو مطالبو ڪندي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏيارڻ جي گھر ڪئي آهي.