ڳاڙھو (ن پ ا) 4 ڏينهن اڳ ڳاڙھو شھــــر جي رهواسڻ 9 ورهين جي شهزادي ڌيءَ احمد ميمڻ کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو، وارثن پاران  طفيل ميمڻ ۽ رمون ميمڻ تي زيادتي جو الزام لڳايو ويو هو،جنهن جي ايف آءِ آر ڳاڙھو ٿاڻي تي داخل ٿيڻ بعد نينگري شهزادي ميمڻ جي ميڊيڪل رول هيلٿ سينٽر ور مان ڪرايو ويو آهي، جتي ڊاڪٽرياڻين پاران ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي آهي، وڌيڪ ميڊيڪل رپورٽ لاءِ جزا ليبارٽري ڪراچي موڪليا ويا آهن، ٻئي طرف نينگري جي والد احمد ميمڻ ٻڌايو ته  معاملي کي دٻائڻ لاءِ اسان تي راڄوڻي دٻاءُ وڌو پيو وڃي،  ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هن چيو ته اسان جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪنداسين، تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.