ڳالهيون ڳنوارن جون … پاري ننگر جو قديم بندرگاهه

0
176
ڳالهيون ڳنوارن جون ... پاري ننگر جو قديم بندرگاهه

 چند مهينا اڳ، نهٽو ڪانفرنس جي موقعي تي ٿر جي اديب ڀارو مل امراڻي، ٿر سان ئي تعلق رکندڙ منسٽر ڪلچر سردار شاهه آڏو هڪ تجويز رکي هئي ته، پاري ننگر تي به اهڙي قسم جي ڪا ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي، جيئن هن تاريخي شهر ۽ هن علائقي جي ثقافت کان دنيا کي آگاهي حاصل ٿي سگهي. بيشڪ پاري ننگر جو هي عاليشان ڦٽل شهر اهڙي ئي سيمينار جي لائق آهي، جهڙا موهن جو دڙو، آمري، ڀنڀور، رني ڪوٽ ۽ منصوره وغيره تي ٿيندا رهيا آهن.

                 ننگرپارڪر کان ڇهه ست ڪوهه پري، ويرا واهه ڳوٺ جي ڀرسان، رڻ جي حد ۾ هڪ قديم شهر جا کنڊرات ڪنهن عظيم شاهي شهر جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن. اهو پراڻو شهر ڪنهن دور ۾ وڏو سکيو ستابو ۽ مشهور شهر هو. هن شهر جي قدامت، وڻج واپار ۽ ثقافتي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ريسرچ جي ضرورت آهي.

                 اها به هڪ حقيقت آهي ته، جن قومن وٽ حال ۾ ڪجهه ڪرڻ جو حال نه رهندو آهي ۽ ان جو نسل ننڊ نهوڙين وسندين ۾ غنوخ ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجي بقا ۽ سلامتي جي سگهه ساري نه سگهندو آهي ته هو ماضيءَ کي ياد ڪندو آهي ۽ پنهنجن وڏڙن جي ڪيل ڪارنامن، ڇڏيل عظيم ميراث ۽ تعمير ٿيل عظيم شهرن (جيڪي هاڻ تباهه و برباد ٿي صفحهءِ هستي تان مِٽجي مِٽيءَ جا ڍير ٿي ويا آهن) کي ياد ڪري دل جا غبار هلڪا ڪندو آهي.

توڙي جو ان ذهني عياشيءَ مان هن جي بيوسي، بي توقيري ۽ اٻوجهائي ظاهر ٿي پوندي آهي، پر آخر ڇا ڪجي؟ اسان وٽ باقي بچيو ئي ڇا آهي؟ جيڪو ڪجهه رهجي ويو آهي، اهي ئي کنڊرات، يونانين، عربن، ايرانين، چينين ۽ انگريزن جا اسان جي وطن جي قدامت ۽ شاندار ماضي ۽ عظيم الشان ڦٽل شهرن بابت لکيل چار پنا، جن کي اسين تاريخ چئي ڪپڙن ۾ نه ٿا ماپجون. اهڙي حالت ۾ بس هڪڙو ئي چارو باقي وڃي ٿو بچي ته اسين ڀلي کنڊر ٿي ويل انهن ورثن کي ياد ڪريون، من انهن اڌمن مان ڪو ننڍڙو ليک جيترو جذبو جاڳي پوي. اکڙيون آرس ڀڃي اٿن. ڪو سوجهاڪو نظر اچي وڃي.

پوءِ پاري ننگر جهڙا پراڻا وسندڙ ويڙها ۽ جرڪندڙ جايون، پٿرن ۽ ٺڪرن جا ڍير ٿي ويل، انهن جا اڏيل موتين جهڙا محلات، ڀڄي ڀري ڀڙا ٿي ويل ياد ڪريون. انهن مقامن تي گڏ ٿي اوچي آواز ۾ اوساريون. جڏهن چار سورن واريون گڏ ٿينديون آهن ته، ڀنڻ پوءِ ئي ٿيندو آهي. اهي مِٽيءَ جا ڍير، اهي ڀڳل ڀڙا، اهي دلگير ڏسجندڙ دڙا ئي اسان جي ساهه جو سهارو وڃي بچيا آهن. ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ جي صفحي 104 تي Cities of Sindh 100-750 AD جي عنوان هيٺ ڏنل سنڏ جي نقشي ۾ پاري ننگر، ويرا واهه ۽ ڀوڏيسر جا شهر ڪڇ جي نار جي اتر طرف ننگرپارڪر ۾ ڏيکاريا ويا آهن. موجوده ٿر ۽ ڪڇ جو رڻ اڳي وشال سمنڊ هو.

سائنسدانن مطابق ننگرپارڪر جون ٽڪريون سڀني کان اڳ سمنڊ مان نڪري ظاهر ٿيون. 1961ع ۾ ايشين آرڪيالاجي ڪانگريس نيو دهلي جي فيصلي مطابق پٿر جا ٽي دور آڳاٽو، وچولو ۽ پويون پٿر جو دور مقرر ڪيا ويا. آڳاٽي پٿر واري دور ۾ انساني جيئاپي ۽ شڪار وغيره لاءِ پٿر جا اوزار ٺاهي استعمال ۾ آندا ويا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ننگرپارڪر ڀرسان لوڻي درياهه مان آڳاٽي پٿر واري دور جا اوزار لڌا ويا (ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص 8) انسان شڪار ۽ مالوندي ذريعي ڌرتيءَ تي جيئاپي جي جدوجهد ڪندو رهيو. اڳتي هلي هن ماهيگيري ۽ واپار لاءِ سمنڊ ۾ ٻيڙا هاڪاريا. سامونڊي ڪنڌين سان بندرگاهه وجود ۾ آيا. سنڌ ۾ به باربيريڪان، ديبل بندر، شاهه بندر، لکپت بندر ۽ پاري ننگر جهڙا بندرگاهه بڻيا، جتان دنيا سان واپار ٿيڻ لڳو. مسٽر ايم ايڇ پنهور مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ پاري ننگر جي وجود ۾ اچڻ جو سن 456ع ڄاڻايو آهي، جيڪو باڙمير جي جيسو پرمار ٻڌايو هو. (ص 112) مسٽر ريڪس لکيو آهي ته پاري ننگر جو بندرگاهه پهرين عيسوي صديءَ ڌاري آباد ٿيو. پهرين عيسوي صدي ۾ هاڪڙي درياهه جي پوزيشن ڪهڙي هئي، جاگرافيائي شاهدين مطابق 2000 ق. م ۾ هاڪڙو واهندا سرسوتي رور سسٽم وجود ۾ آيو. ۽ هاڪڙو درياهه هماليه جبل جي نئين ۽ ڍورن جو پاڻي کڻي درياهي صورت وٺي وهڻ لڳو. اڳتي جيسلمير جي جابلو علائقي پوهه ڪارن مان ٻه نديون جيسلمير جي اتر ۽ اتر اولهه طرف وهي وڃي هاڪڙي درياهه ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. هي درياهه بهاولپور جي علائقي مان وهي ونجهڙوٽ وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو. عمر ڪوٽ وارو پاسو ڏيئي، نهٽو وٽان مٽي، ٿر کي سيراب ڪري ڪوري ڪريڪ وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. چون ٿا ته رڳو ٿر جي علائقي ۾ هن تي 9 مشهور پتڻ هئا. غالب گمان آهي ته پاري ننگر تائين به ان پاڻيءَ جي پهچ هجي.

ڪتاب سناتن ڌرم ۽ ڀيلن جي تاريخ ۾ لکيل آهي ته، “پارڪر ۾ هڪ قديم سلطنت جو پتو لڳي ٿو، جنهن ۾ مکيه شهر پاري ننگر هو، جنهن جو بنياد پهرين عيسوي صديءَ ۾ پيو. ماڻهن جو قديم مذهب جين ڌرم هو. ان وقت پاري ننگر جي آدمشماري چاليهه هزار هئي. اهو هڪ وڏو بندرگاهه هو. ڪڇ جو رڻ سڄو سمنڊ ۾ هو. جهاز سڌا لنگهي پاري ننگر تائين ايندا هئا. هاڪڙو ندي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي. (ص 43) هن نديءَ ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا. پاري ننگر ۾ جين ڌرم جا انتهائي خوبصورت ۽ مهان ڪاريگرن جا تعمير ٿيل 6 مندر هئا. جيني وڏا واپاري ۽ شاهوڪار هئا. انهن وڏي خرچ ۽ عقيدي سان اهي مندر تعمير ڪرايا هئا. ڪتاب Caxton’s History of the World ۾ لکيل آهي ته، “جين ڌرم جو بنياد مهاويرا ڇهين عيسوي صديءَ ۾ رکيو. مهاوير گوتم ٻڌ جو همعصر هو.” هي ٻئي بادشاهي ٻار هئا. جينين جي دعويٰ آهي ته دنيا ۾ پندرنهن لک ماڻهو جين ڌرم جا مڃيندڙ موجود آهن. هنن جا 24 تيرٿهنڪر ٿي گذريا آهن. پارشوناٿ ٽيويهون ۽ مهاوير (599،527 ق. م) چوويهون تيرٿهنڪر هو. سنڌ ۾ جين ڌرم جو پرچار چندرگپت موريا جي دور ۾ ٿيو. سنڌ ۾ جين ڌرم جا مندر پهرين عيسوي صديءَ ۾ قائم ٿيا. هڪ ليک مطابق پاري ننگر جو بندرگاهه 500 ق م ۾ قائم ٿيو، جتان ڪڇ ڀڄ، پوربندر، مانڊو، لنڪا ۽ سوماترا سان واپار هلندو هو. ڪي چون ٿا ته جلال الدين خوارزم شاهه 1223ع ۾ حملو ڪري هي شهر تباهه ڪيو. ڪيپٽن ريڪس مطابق 1226ع ۾ دهلي جي ڪنهن شهنشاهه هن خوبصورت شهر کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. اتان جا واپاري لڏي ڀوڏيسر آيا. اتان ڄام ننگر ۽ پوءِ مانڊو ۾ اچي آباد ٿيا. هتان جا مقامي سردار سوڍا پرمار هئا. گوبند پٽ هاسو پاري ننگر جو حاڪم هو. ان کان پوءِ چندن، آخري حاڪم ڀيمجي هو. هاسي جي پيڙهيءَ کان پوءِ ڌوڻي واهه جي اولاد مان راجسنگهه، راجيشور، لنگهار، ڏيپو، ڇوڙو، هرڀيم پاري ننگر تي حڪومت ڪندا رهيا.

بهرحال پاري ننگر تي جيڪڏهن ڪو سيمينار ڪوٺايو ويو ته هن ڦٽل شهر بابت گهڻو تاريخي مواد حاصل ٿي سگهندو.