ڳالهيون ڳنوارن جون … جاگرافيائي تبديليءَ جا سماج تي اثر

0
178
ڳالهيون ڳنوارن جون ... جاگرافيائي تبديليءَ جا سماج تي اثر

لاڙ هر لحاظ کان اتر کان اتامرو آهي. لاڙ ۾ سئو کن ڍنڍون آهن. هر ڍنڍ کي پنهنجي جاگرافيائي سونهن، فلورا، فانا ۽ پنهنجو منفرد ايڪو سسٽم آهي. ڪانگن کاڌي ۽ سانڀيڙ ڍنڍون هاڻ سجاول ضلعي ۾ اچي ويون آهن. هنن ڍنڍن جي چوڌاري سامونڊي ڪيٽين وارا ڪلراٺا پوٺا آهن. پن، ڏير، نڙ ڪنگور ۽ ٽارن جي جهرمٽ ۾ ويڙهيل، هي ڍنڍون روهاڪي پکين لاءِ ڄڻ عدن جا باغ آهن. سومرڪي ڍنڍ ٺٽي ضلعي ۾ آهي. لين جي باغ ۾ ويڙهيل هي خوبصورت ڍنڍ پکين لاءِ بهشت جو ٽڪرو آهي. ٻگها، ڪوڪڙاٽ، نردوس، گهگهه پکي، ڪوهنگون ۽ کيڻاٺيون انهن ئي لين تي آکيرا ٺاهي، آنا لاهي، آرو ڪري، ٻچا ڦوڙينديون آهن.

هنن ڍنڍن جي مخلوق جي پنهنجي آزاد دنيا آهي، جتي هو آزادي سان اڏامي سک جو ساهه کڻي سگهي ٿي. هي مخلوق مارين، مهاڻن ۽ ماڇين سان مانوس آهي. هو شام جو رڇ پوکڻ ايندا آهن ۽ سانڀائي مهل سارڻ ويندا آهن. هو مڇي سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن انهن پکين جو شڪار به ڪندا آهن. ڪجهه دير اهي پکي احتجاج ڪري دانهون ڪندا آهن ۽ پوءِ خاموشي ڇانئجي ويندي آهي. هنن لاءِ ٻارهين مهيني مصيبتن جا ڏينهن به ايندا آهن، جڏهن سياري ۾ روهاڪي پکي ولر ڪري اچي لهندا آهن. پوءِ جڏهن شڪاري شڪار لاءِ بندوقون کڻي انهن ڍنڍن ۾ اچي لهندا آهن ته فضا سوڳوار بڻجي ويندي آهي. انهن پکين جون دانهون ۽ احتجاج ورنائڻ وارو ڪير به ڪونه هوندو آهي. فطرت خاموش تماشائي نظر ايندي آهي. شام جو ڪانگ انهن ڍنڍن جي وڻن تي اچي ڪانگيرو ڪندا آهن. ٻگها به اتي اچي رات رهندا آهن. ڪانگ ۽ ٻگها ولر ڪري رات گڏجي گذاريندا آهن ۽ صبح جو اڏامي چوڳي ۽ چوڻي ڪاڻ ٽڙي پکڙي ويندا آهن. گدڙ، لومڙ، سها، جهنگ ٻلا ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانور انهن ڍنڍن جي چوڌاري رهندا آهن. ننڍي ۾ ننڍي ماڪوڙي کان وٺي ماکيون، ڏينڀو، ککرون، چيلاٽا، پوپٽ، ڀنڀوريون، کڙکٻيتا يا ٻل ٽنڊڻ، تڏيون، مڇر ۽ مکا سڀ جا سڀ انهن ڍنڍن جي ايڪو سسٽم جو حصو آهن. زولاجي ۽ باٽني منهنجا سبجيڪٽ ڪونه آهن پر انهن مضمونن تي ريسرچ ڪرڻ وارن کي صلاح آهي ته اهي پنهنجي ريسرچ اسٽڊي لاءِ انهن ڍنڍن تي ڪيمپون هڻي اچي ويهن ۽ پنهنجي اکين سان مشاهدو ماڻين. حيوانات ۽ نباتات جي ان آزاد، نرالي ۽ خوبصورت دنيا کي اکئين اچي ڏسن ۽ پنهنجون ٿيسز لکن. روهاڪي پکين جي اها فطرت آهي ته ڪنهن ڍنڍ تي اچي پاڻو ڪندا آهن. کنڀڙاٽيون هڻي ٽٻندا آهن. آزاد فضا ۾ اڏامندا آهن. کنڀڙاٽيون هڻي ٿڪجي وري اچي پاڻيءَ ۾ ويهندا آهن. ترندا آهن. سج لٿي مهل چوڳي ڪاڻ هڪڙي ڍنڍ مان اڏامي ڪنهن ٻي ڍنڍ ڏانهن اڏامي هليا ويندا آهن. وڏي اسور جو چوڻو چڻي وري به موٽي اچي ساڳي ڍنڍ ۾ لهندا آهن.

ڪيئي سال ٿيا، سومرڪي ڍنڍ جي وچان سم نالي ٿي ڪڍيائون. ان ڍنڍ جي ڪنڌي تي رهاڪو منڇرن جا وڏڙا ڳالهه ڪندا آهن ته سم نالي ٺهڻ وارو سڄو عرصو ان جهنگلي جيوت جو احتجاج جاري رهيو. پوءِ جڏهن ان ڍنڍ جي جاگرافي تبديل ٿي ته جهنگلي جيوت جو تعداد گهٽيو ۽ روهاڪي پکي به گهٽ اچڻ لڳا. رتونبو ۽ رنئارو ته منهن ئي مٽي ويو. سڄي زندگي ميٺ محبت سان رهندڙ منڇرا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. نفرتون ايتريون وڌي ويون جو پاڙي ۾ ڀائر ٿي رهندڙ رند قبيلي جي لوڪن ۽ منڇرن جي ويڙهه ۾ انساني جانين جو زيان ٿيو. هڪ ننڍڙي ڍنڍ جي جاگرافيائي تبديلي سان سماج تي ڪيڏو نه منفي اثر پيو.

ٺٽي ضلعي ۾ بيحد خوبصورت وڏي ۾ وڏي ڪينجهر ڍنڍ آهي. هن ڍنڍ جي اتر ۽ اولهه طرف جابلو بُٺيون آهن. ڏکڻ طرف ٿوري مفاصلي تي سنڌو درياهه آهي. وچ وارو علائقو ميداني آهي. اوڀر طرف به وڏو ميداني علائقو آهي، جنهن جو ڇيهه سونڊا جي پهاڙين تي ٿئي ٿو. انهن پهاڙين جو سلسلو ڏاڏوري، ساپا، منجي راءِ واري بُٺيءَ کان ٿيندو، جهرڪن کان اڳتي کاٽ کپرئي تائين هليو وڃي ٿو. گهڻو اڳي جڏهن ڪينجهر کي بند ٻڌل ڪونه هو ته سانوڻي جي برساتن ۾ ڍنڍ جو پاڻي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف وارن ميداني علائقن ۾ پکڙجي ويندو هو. جڏهن برساتون ختم ٿينديون هيون ۽ پاڻي سڪڻ لڳندو هو ته اتي گاهه ڦٽي پوندو هو ۽ اهي پٽ چراگاهه ۾ تبديل ٿي ويندا هئا. ڏسندي ڏسندي ڪينجهر جي پيٽ ۾ مال جا ڌڻ چرندي ڏسبا هئا. انهن سرسبز گاهن تي مال آزادي سان پيو چرندو ۽ ڦرندو هو. ميهارن جا مارڪا، ڳنوارن جون ڳالهيون، ٻڪرارن جا ٻول، ريڍارن جون رهاڻيون رتل هونديون هيون. هر ذات قبيلي جو مال چرندو هو پر جهجهو مال جاکرن جو هو. جڏهن انگريزن اوڀر ۽ ڏکڻ کان بند ٻڌي ڍنڍ کي سوڙهو ڪيو، واهه کوٽائي، ان تي ڪلري بگهياڙ فيڊر اپر جو نالو ڏيئي درياهه مان پاڻي آڻي ڍنڍ ۾ وهايو ويو ۽ چليا وٽان واهه ڪڍي ڪراچي کي مستقل پاڻي پهچائڻ جو انتظام ڪيو ويو ته ڍنڍ جي جاگرافي تبديل ٿي وئي. ڀلو ٿيو يا برو ان فيصلي جو اختيار اسان وٽ ڪونهي پر ان سان جيڪا سماجي تبديلي آئي، اها هيئن جو چرو ختم ٿي ويو. مال بکين مرڻ لڳو. جاکرا پنهنجا مال ڪاهي درياهه پار ٻيلن ۾ لهي ويا. ڪي ته مورڳو درياهه ٽپي پراڙيين پاسي ڳوٺ اڏي وڃي ويٺا. جاکرا اصل ڪنڊ جا هئا. معاشي ۽ سماجي سببن جي ڪري ڪينجهر جي اولهه ۽ ڏکڻ ۾ اچي رهيا. جان آباد کان وٺي ڇتي چنڊ، ويندي ڪوٽڙي الهه رکيو تائين زمينون کڻت ڪيائون. جڏهن جاکرن جي لڏپلاڻ ٿي ته انهن پڊن تي بروهي اچي آباد ٿيڻ لڳا. ٺٽي ۾ بروهين جا ٽي راڄ آهن. سدابهاري بروهي، ويراڀي (هي لوڪ ويراڀ نئين پٻ جبل کان لڏي آيل) ۽ نوابشاهي بروهي. سدابهارين ۽ ويراڀين جاکرن کان کيٽ خريد ڪيا. اڄ به ميري پوٽن جاکرن ۽ هيجب جاکرن کي ڇڏي ڪينجهر ڍنڍ جي اولهه طرف اڪثر کيٽن جا ڌڻي بروهي آهن. انهن کان علاوه ڪي کيٽ بڪڪن، ڀنڀرن، ٻيليچن، کماڻن ۽ ناريجن جا آهن. ساڏورو پالارين جو سڏبو آهي.

ٻي تبديلي اها آئي جو ڪينجهر جا جيڪي تاريخي تڙ هئا، اهي ميسارجي ويا. مياڻ برباد ٿي ويا. ڪينجهر ڪنڌي تي ٺهيل ماڙين جا نشان مٽجي ويا. ڍنڍ جي سڄي جاگرافي ۽ ٽوپوگرافي تبديل ٿي وئي. ان سان وڏي سماجي اٿل پٿل آئي. هي ننڍڙي ڍانڍي سماج جا مثال آهن. اڄ بس ايترو. زندگي ساٿ ڏنو ته ايندڙ ڪنهن مضمون ۾ اوهان کي ڪنجهر جا تڙ ۽ مياڻ ڏسينداسين، جتان ساٽي مڇي جون خرزينون ڀري گهوڙن تي کڻي وڃي گهور ڪندا هئا. جتي ڪاريون ڪوجهڙيون ککيءَ جون کاريون ڀري آڻي وڍي وڪڻنديون هيون ۽ جتان ککيءَ جي خوشبو کٿوري ٿي اڏامندي هئي.

هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌي ڪنور ترن،

ورئي واهوندن، ڪنجهر کٿوري ٿيي.

(لطيف- ڪاموڏ)