اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ڪرائڻ لاءِ عوامي دٻاءُ، ڳالهين جي ٽئين دور جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران پاڪستان عوامي ليگ پاران مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي ڳالهيون ڪامياب ڪرڻ جا مطالبا لکيل هئا،  مظاهرين جو چوڻ هو ته خدارا ڳالهين جو موقعو ضايع نه ڪيو، سياستدان حل ڳوليو، پاڪستان کي ساهه کڻڻ ڏيو، مظاهرين چيو ته عمران خان صاحب موقف ۾ لچڪ ڏيکاريو، پاڪستان جي خاطر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڇڏي ڏيو، پاڪستان عوامي ليگ جي چيئرمين چوڌري ناصر محمود چيو ته ڳالهين جي ڪاميابي جي درخواست هر پاڪستان جو مطالبو آهي، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري پاڪستان عوامي ليگ جي چيئرمين ناصر محمود سميت درجنين مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.جن کي ٿوري دير بعد آزاد ڪيو ويو