ڪابل (م ڊ) افغانستان جي صوبي پنجشير  وادي ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد مزاحمتي فورس ۽ طالبان ۾ جهڙپون جاري آهن، وادي پنجشير طالبان خلاف مزاحمت جو ملڪ اندر آخري ڳڙهه آهي. افغان ميڊيا موجب پنجشير جي دروازي تي جنگ جاري آهي، پنجشير ۽ ڪپيسا جي سرحد تي ٻن ڏينهن کان چڪريون هلندڙ آهن، ٻنهي طرفن کان هڪٻئي خلاف ڳرا هٿيار استعمال ڪيا پيا وڃن،پر جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن، ٻئي طرف طالبان طالبان قومي مزاحمتي فورس جي دفاعي لائين ٽوڙڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته مزاحمتي فورس جي پنجشر جي ضلعي شاتل ۾ قائم 6 پوسٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي، اڳتي به وڌي رهيا آهيون، طالبان مزاحمتي فورس جا درجنين باغي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، طالبان اڳواڻ امير خان مطقي پنجشير جي عوام لاءِ آڊيو پيغام موڪليندي چيو آهي ته پنجشير معاملي جي حل لاءِ ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، اسان ڪوشش ڪئي ته ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪجي پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو، هاڻ جڏهن ڳالهيون ناڪام ٿي چڪيون آهن ته طالبان پنجشير کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، وادي ۾هن وقت به اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي پرامن حل نه ٿا چاهين، مزاحمتي اتحاد جا ماڻهو وڙهڻ چاهين ٿا. هوڏانهن مزاحمتي فورس پاران طالبان پاران به طالبان کي ڳرو نقصان پهچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جيتوڻيڪ آزاد ذريعن کان ان جي تصديق نه ٿي آهي. افغانستان جي اڳوڻي دفاعي وزير بسم الله خان دعويٰ ڪئي آهي ته سومر ڏينهن پنجشير تي طالبان جو حملو ناڪام بڻايو ويو، جنهن ۾ 34 طالبان مارجي ويا آهن ۽ 64 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته طالبان پاران جاني نقصان جي تصديق نه ڪئي وئي.