گووا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي سرڪار ڳالهين جي آڇ جي موٽ ۾ پاڪستان تي دهشتگردي جا الزام هنيا آهن ڀارتي پرڏيهي وزير چيو آهي ته دهشتگردي جي شڪار ڌُر دهشتگردي ڪرائيندڙن سان ڳالهيون نه ڪندي آهي، پاڪستان کي اُن جي پوزيشن تحت جواب ڏنو ويندو، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ افتتاحي خطاب ڪندي ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر چيو ته دهشتگردي جو ڪوبه جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، ايس سي او جي ميمبر ملڪن کي ياد رکڻ گهرجي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه تنظيم جو اهم مئنڊيٽ آهي، ايس سي او ۾ سُڌارن ۽ جدت جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي آهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته انگريزي کي ايس سي او جي ٽئين باضابطا ٻولي قرار ڏيڻ جي حمايت ڪرڻ گهرجي. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جئه شنڪر چيو ته دهشتگردي جو شڪار ٿيل دهشتگردي ڪندڙن سان نه ويهندا آهن پر انهن خلاف آواز اٿاريندا آهن بلاول ڀٽو زرداري پاران دهشتگردي کي سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال ڪرڻ واري بيان تي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول جو هتي اچي بيان ڏنو ته جهڙو اسين هڪ ٻيڙي جا سوار آهيون  اهو بلڪل غلط آهي، کيس واضح موقف رکڻ گهرجي ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان جي راهداري جي حوالي سان ايس سي او اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته رابطا ترقي لاءِ سٺا آهن پر رابطا علائقائي خودمختياري ۽ سلامتي جي خلاف ورزي نٿا ڪري سگهن جي شنڪر موجب سي پيڪ انڊيا جي سلامتي ۽ خودمختياري جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي.