ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گھوٽڪي ۾ ڌاڙيلن ھٿان پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي شھادت واري واقعي کانپوءِ گھوٽڪي جي ٿاڻن ۾ نفري وڌائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، ٻن انسپيڪٽرن ۽ ھڪ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر کي شڪارپور ضلعي کان گھوٽڪي ضلعي ۾ بدلي ڪيو ويو، بدلي ڪيلن ۾ انسپيڪٽر احمد علي ھاليپوٽو، انسپيڪٽر محمد مٺل ککراڻي ۽ اي ايس آءِ عبدالشڪور لاکو شامل آهن،