گهارو (ن پ ا) گهارو پوليس منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 3 جوابدار گرفتار ڪري ورتا. جن وٽان چرس ۽ ڪچو شراب هٿ آئي آهي مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايچ او گهارو موجب پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي جوابدارتاج محمد چانڊيو کي گرفتار ڪري وٽائنس 2100 گرام چرس برآمدڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي  گهارو پوليس جي هڪ ٻي ڪاروائيءَ دوران ٻن جوابدارن حيدرعلي چانڊيو ۽ اڪرم چانڊيو کي گرفتار ڪري وٽائن 60 ٿيليون ڪچو شراب هٿ  ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،