گھارو (ن پ ا) بوائز پرائمري اسڪول گھارو نمبر 1 جي مبينا اسڪول جي پلاٽ تي قبضو ڪيو ويو آهي، بااثر ماڻھن اسڪول جي پلاٽ تي اڏاوت ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آھي. ان حوالي سان اسڪول جي ھيڊماستر قادر پنھور ٻڌايو ته مختلف وقتن تي اسڪول جي پلاٽ تي مختلف ماڻھون پاران اڏاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  پئي وڃي پھريان به ھڪ ڌر پاران اسڪول جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي پر اسان انتظاميا کي چئي ڪم بند ڪرايو وري ٻيھر اڄ ڪم شروع ڪيوويو آھي اسڪول جو ان جاء تان پھريان گيٽ ھندو ھو  پر اسان اتاھي گيٽ بند ڪرائي اسڪول جو ڪمرو ٺھرايو، جنھن سبب اھا جاء اسڪول جي گند ڪچرو ڇڏڻ لاء ڇڏي وئي پر نامعلوم ماڻھون پاران اتي اڏاوتون ڪيو پيو وڃن انتظاميا نوٺس وٺي ، اسڪول جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي ، ھيڊماستر ، قادر پنھور