گھارو: ٻڏي ويل پوجا جي صبح شادي ٿيڻي هئي!

0
184

گهارو: هاليجي ويجهو چنگچي رڪشا ڪي ڊي اي واھ ۾ ڪلٽي ٿيڻ سبب ٻڏي ويل پنجن ڄڻن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته هڪ ناري پوجا ڌيءَ سيتارام جو لاش ڪڍيو ويو، ٻڏي ويل پوجا جي صبح شادي ٿيڻي ھئي، وارثن جو چوڻ هو ته باس باسيل ھئي، درگاھ تي وڃي رھيا ھئاسين تي حادثو پيش آيو. مقامي ماڻھو پنھنجي مدد پاڻ تحت لاشن جي ڳولا ڪري رھيا آھن پر انتظاميا پاران ٽوٻن جي ٽيم نه پھتي آهي. ٻڏي ويل 9 ڄڻن مان 4 کي زنده بچايو ويو جڏهن ته ھڪ پيرسن سميت دينو، ليلا ، ھيما، راما جي لاشن جي ڳولا جاري آھي.