اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) سنڌ صوبي جي گهٽ لاڳت سان بجلي پيداوار ڪرڻ وارن منصوبن کي نظر انداز ڪرڻ تي سنڌ جي احتجاج باوجود بجلي پيداوار جي صلاحيت ۾ واڌاري واري پلان 30-2021ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ پاران  سي سي آءِ جي اهڙي فيصلي کي  چيلينج ڪرڻ جو اعلان تفصيل موجب سي سي آءِ جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه،  سنڌ جي توانائي وزير امتياز احمد شيخ، بلوچستان جي بين الصوبائي رابطن واري وزير عمر جمالي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار، خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، وزيراعظم جي خصوصي معاون تابش گوهر، ڪي پي ڪي جو ناڻي وزير تيمور سليم جهڳڙا، وفاقي وزير حماد اظهر، ڊاڪٽر فهميده مرزا، اسد عمر، شوڪت ترين، فروغ نسيم، فواد چوڌري، چيئرمين نيپرا توسيف فاروقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ توانائي وزارت بجلي پيداوار جي صلاحيت ۾ اضافي واري پلان انڊييڪيٽو جنريشن ڪيپيسٽي پلان تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هي پلان 10 سالن لاءِ جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ هر سال بجلي جي طلب ۽ موجودگي جي حوالي سان تخمينن تي ٻڌل آهي، پلان جو مقصد توانائي ضرورتن کي سامهون رکندي منصوبا بندي ڪرڻ ۽ صارفين کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ آهي، ان پلان تي تمام صوبن، آزاد ڪشمير جي حڪومت سان به تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان بجلي بل باقاعدگي سان ادا ڪندڙ صارفين کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان بچائڻ لاءِ توانائي وزارت کي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته توانائي وزارت ملڪ اندر اهڙين گرڊ اسٽيشنن جتي بجلي بلن جي وصولين جو تناسب تمام گهٽ هجي اتي جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، بجلي جا بل ڏيندڙ صارفين کي بنا رڪاوٽ جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته هن پلان جو بنيادي مقصد توانائي جي شعبي ۾ مستقبل لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ آهي جيئن بجلي پيداوار کي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ عوام کي گهٽ قيمت تي بجلي فراهم ڪري سگهجي، وزيراعظم زور ڀريو ته حڪومت بجلي جي پيداوار ۽ تقسيم جي طريقيڪار ۾ به سڌارا آڻي رهي آهي، پڌرائي موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڄاڻايل بجلي پيداوار جي پلان جي منظوري ڏني، سي سي آءِ پاڻي تي بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن کي به ان پلان ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، سي سي آءِ توانائي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته وهيلنگ پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي. جڏهن ته ذريعن مطابق اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان پلان جي منظوري جي مخالفت ڪندي چيو ته ان پلان ۾ گهٽ لاڳت سان بجلي پيداوار وارا سنڌ صوبي جا منصوبا شامل نه ڪيا ويا آهن، سنڌ صوبي جي بجلي پيداوار جي منصوبن کان 80 سيڪڙو وڌيڪ لاڳت سان بجلي پيداوار وارا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن، سنڌ جي منصوبن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هن پاليسي جي حمايت نه ٿا ڪري سگهون، سنڌ جي وڏي وزير منظور ٿيل پلان ۾ پاڻي ذريعي بجلي پيداوار جي منصوبن کي شامل ڪرڻ جي به مخالفت ڪندي اعتراض واريا آهن، جڏهن ته سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ذريعن مطابق موقف رکندي چيو ته سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا ته اهي تبديل نه ٿا ڪيا وڃن، سنڌ جا ماڻهو چندو ڪري ٽرانسفارمر ٺهرائن ٿا، پر مهينن جا مهينا گذري وڃڻ کان پوءِ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿا ڪيا وڃن، بجلي چوري جي نالي تي سڄي فيڊر کي بجلي بند ڪري سزا ڏني پئي وڃي، هن پاليسي ۾ سنڌ جا گهٽ لاڳت سان بجلي پيداوار وارا منصوبا شامل نه ڪرڻ زيادتي آهي، ذريعن مطابق نيپرا جي اختيارين پاران به اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته پلان ۾ شامل ڪيل بجلي پيداوار جا 88 سيڪڙو منصوبا گهٽ لاڳت بجاءِ وڌيڪ لاڳت وارا منصوبا شامل  ڪيا ويا آهن، ذريعن ٻڌايو ته بلوچستان صوبي پاران به بجلي پيداوار جي پلان ۾ بلوچستان جي منصوبن کي شامل نه ڪرڻ تي اعتراض واريندي بلوچستان جا منصوبا شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، پر بلوچستان جي ان مطالبي ۽ سنڌ جي سخت احتجاج ۽ اعتراض کان پوءِ به سي سي آءِ اڪثريت راءِ سان بجلي پيداوار جي پاليسي 30-2021ع جي منظوري ڏني آهي جنهن منظوري خلاف سنڌ جي وڏي وزير تحريري طور تي اختلافي نوٽ لکي ڇڏيو آهي، ذريعن مطابق بلوچستان صوبي پاران مخالفت ڪرڻ باوجود ان پاليسي جي منظوري جي خلاف ووٽ نه ڏنو، ائين پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ وفاقي ميمبرن جي اڪثريت سان ان پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي، “پنهنجي اخبار” پاران رابطو ڪرڻ تي سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ تصديق ڪندي چيو آهي ته سنڌ صوبي ان پاليسي جي منظوري جي مخالفت ڪئي آهي ۽ اختلافي نوٽ لکيو آهي، هن چيو ته بجلي پيداوار جي پلان ۾ سنڌ جي گهٽ لاڳت سان بجلي پيداوار ڪرڻ جي منصوبن کي شامل نه ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 400 ميگاواٽ جو مانجهند منصوبو، ٿر ڪول بلاڪ 6 جيڪو برطانوي ڪمپني اوريڪل کي 1360 ميگاواٽ بجلي پيداوار لاءِ ڏنل آهي ان کي به بجلي پيدوار واري پلان ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي جا 1250 ميگاواٽ هوا ذريعي بجلي پيداوار ڪرڻ جا 5 منصوبا به پلان ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن، هن چيو ته سنڌ صوبي فيصلو ڪيو آهي ته سي سي آءِ جي ڪالهوڪي اجلاس جا منٽس تحريري طور تي ملندا ته ان بعد سي سي آءِ جي ان فيصلي خلاف خط لکي ان مامري کي فيصلي لاءِ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ موڪلڻ جو سنڌ پاران مطالبو ڪيو ويندو، جيئن سنڌ 2017ع جي آدمشماري جي منظوري واري سي سي آءِ جي فيصلي کي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ آئيني رستو اختيار ڪندي موڪلڻ لاءِ خط لکيو آهي، هن چيو ته ان پاليسي خلاف اسان وٽ عدالتي رستو به موجود آهي، جنهن تي به غور ڪري سگهون ٿا. هن جو چوڻ هو ته جيڪو بجلي پيداوار جو پلان منظور ڪيو ويوآهي حڪومت ان لاءِ ٺاهيل اصولن جي پاڻ خلاف ورزي ڪئي آهي، ان پلان ٺاهڻ جو مقصد گهٽ لاڳت سان بجلي پيداوار ڪرڻ وارن منصوبن کي شامل ڪرڻ هو، پر هن پلان ۾ سنڌ جي منصوبن کان 80 سيڪڙو مهانگا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن، نيپرا به اجلاس دوران پلان ۾ شامل 88 سيڪڙو مهانگا منصوبا شامل هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي، پر ان باوجود اڪثريت جي بنياد تي اهو پلان منظور ڪيو ويو آهي.