گڏيل قومن ۽ پاڪستان پاران ٻوڏ سٽيلن جي امداد لاءِ جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس

0
216

گڏيل قومن ۽ پاڪستان پاران ٻوڏ سٽيلن جي امداد لاءِ جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڊونرز ڪانفرنس شروع ٿي وئي

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ جا منظر ڏسي دل ٽٽي پئي، پاڪستان کي هنن ڏکين حالتن ۾ امداد جي سخت ضرورت آهي

هن چيو ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، پاڪستان کي بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير لاءِ 60 ڏهائي 3 ملين ڊالرز جي ضرورت آهي

 وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان وڌيڪ متاثر ٿيا، اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺا آهيون، بحالي ۽ نئين سر اڏاوت لاءِ پاڪستان کي امداد جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندڙن کي پاڪستان ڪڏهن به نه وساري سگهندو