شرم الشيخ (م ڊ) مصر ۾ موسمياتي تبديلي بابت ڪانفرنس، وزيراعظم شهبازشريف موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل چارٽر جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي،  وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪلائميٽ امپليمينٽس ڪانفرنس (ايس سي آءِ ايس) ۾ شرڪت ڪئي، شهبازشريف پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي چيلنجز کان آگاهه ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ اسرندڙ ملڪن جي وس جي ڳالهه ناهي، عالمي برادري کي گڏيل گڏيل چارٽر بڻائڻو پوندو. مصر ۾ ڪوپ 27 ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم شهبازشريف ۽ ناروي جو وزيراعظم گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ميزباني ڪري رهيا آهن، ڪانفرنس ۾  موسمياتي تبديلي جي چيلنجز کي موثر انداز سان منهن ڏيڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب موسمياتي تبديلي تي ٿيل وڏي ڪانفرنس دوران شهبازشريف جي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان به ملاقات ٿي، شهبازشريف ان ملڪن جو پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد واري جذبي کي ساراهيو. وزيراعظم شهبازشريف ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سندس استقبال ڪيو، ملاقات دوران وزيراعظم عالمي برادري جو ڌيان ڇڪايو ته اهي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ امداد ڪن. پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد تي عالمي برادري جو ٿورو مڃيندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته اسرندڙ ملڪ موسمياتي تبديلي کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، پاڪستان کي هنگامي بنيادن تي موسمياتي انصاف ڏيارڻ جي ضرورت آهي. شهبازشريف عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابوالغيث، گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمٰن، انڊونيشيا جي نائب صدر معروف امين، عراق جي صدر عبدالرشيد راشد، لبنان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي، يورپين ڪميشن جي صدر ارسولا وون ڊير ليان ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جورجيوا سان ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم انڊونيشيا جي نائب صدر سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي تيل جي فوري فراهمي تي اوهان جا ٿورائتا آهيون، انڊونيشيا جي صدر چيو ته پاڪستان اسانجو ڀاءُ ملڪ آهي، هر ممڪن مدد تي خوشي ٿيندي. وزيراعظم هائوس موجب تاجڪستان جي صدر ڊسمبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو، وزيراعظم شهبازشريف چيو ته يورپي يونين ۽ پاڪستان جي ڀائيواري ۽ ٻه طرفا لاڳاپا ماضي ۾ گڏيل مفادن جا حاصلات لاءِ اهم ذريعو رهيا آهن، موسمياتي تبديلي جي اثرن جو مقابلو اڄ اسرندر ملڪ ڪري رهيا آهن، ان جا منفي اثر پوري دنيا کي متاثر ڪندا،ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون لازمي آهن. شهبازشريف فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ ۾ يورپي ملڪن جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته يورپي ملڪن ۽ پاڪستان ۾ ٻه طرفو واپار وڌائڻ جي گهڻي گنجائش آهي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته ٻوڏ متاثرن جي فوري مدد ۽ بحالي لاءِ بجيٿ ڪاٿي ۾ تبديلي آندي وئي آهي، اميد آهي ته ڪوپ 27 ڪانفرنس موسمياتي انصاف ڏيارڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. وزيراعظم شهبازشريف عراق جي صدر، لبنان جي وزيراعظم ۽ يورپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل سان به ملاقاتون ڪيون. شهبازشريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان به ملاقات ڪئي، ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهبازشريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب آيل ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالرز آهي، لکين ٻوڏ متاثرن کي سياري ۾ گرم ڪپڙن جي ضرورت آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي بيماريون پکڙجي ويون آهن، ڇاڪاڻ انهن علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جا وڌيڪ اثر ڪمزور ماڻهن تي پون ٿا، قدم نه کنيا ويا ته 2050ع تائين 216 ملين ماڻهو بي گهر ٿي سگهن ٿا، موسمياتي تبديلي سبب ٿيل تباهڪارين ۾ دنيا انصاف ڪري، خاص طور اهي ترقي يافته ملڪ جيڪي موسمياتي تبديلي جا ذميوار آهن، وزيراعظم چيو ته تعاون ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايچ او ۽ ٻين جا ٿورائتا آهيون، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان دورو ياد رکيو ويندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته عالمي برادري جي ذميواري آهي ته پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري، پاڪستان کي هن وقت مدد جي ضرورت آهي. انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان کي ٻيهر آبادڪاري لاءِ وڏي پيماني تي امداد جي ضوررت آهي، پاڪستان کي قرضن ۾ اهو رليف ايترو نه مليو، جيڪو ملڻ گهرجي ها، عالمي ادارا پاڪستان کي قرضن ۾ ڇوٽ ڏين، هن چيو ته ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو، تازي دوري وارا لمحا نه وسارڻ جوڳا آهن، هر طرف پاڻي ئي پاڻي نظر آيو.