ٺٽو ( رپورٽر) گڏيل قومن واري اداري جي ترقياتي پروگرام ( يو اين ڊي پي ) اڳواڻ جي اڳواڻي ۾ 9 رڪني وفد ٺٽو پهچي تازين برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين بابت ضلعي انتظاميا کان معلومات حاصل ڪندي قائم رليف ڪئمپن ۽ عالمي ورثي مڪلي جي تاريخي مقبرن جو به دورو ڪري معائنو ڪيو آهي ان ڏس ۾ گڏيل قومن واري اداري يو اين ڊي پي جي صدر جي نمائندي نٽ اوسٽبي جي اڳواڻي ۾ هڪ 9 رڪني وفد ٺٽو پهچي ٺٽي جي ڊي سي غضنفر علي قادري سان گڏ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري ضلعي اندر تازين برسات ۽ ٻوڏ سبب تباهڪارين جي ڄاڻ حاصل ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي ٺٽي جي ڊي سي غضنفر علي قادري وفد کي تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال سان گڏ ضلعي انتظاميه پاران ريسڪيو ، رليف ، بحالي ۽ ضلعي اندر ٿيندڙ نقصانن جي ڄاڻ ڏني جڏهن ته ان موقعي تي يو اين ڊي پي وفد پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، تعمير و ترقي لاءِ پنھنجي ھر قسم جي مڪمل سھڪار جو پڻ يقين ڏياريو ويو ان موقعي تي پاڪ فوج، رينجرز جي عملدارن سميت مختلف کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا.