گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس وڌيڪ 5 سالن لاءِ چونڊجي ويو

0
305

نيويارڪ (م.ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي وڌيڪ 5 سالن لاءِ عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. 15 ميمبرن تي ٻڌل سيڪيورٽي ڪائونسل هن مهيني کيس ٻئي مدي لاءِ عهدي تي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، سندس ٻيون مدو پهرين جنوري 2022 تي شروع ٿيندو. گٽرس جو چوڻ هو ته سندس ڪوشش هوندي ته هو ملڪ جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو پختو ڪري ۽ وڌيڪ اعتماد سازي لاءِ ڪم ڪري.