راڻيپور (ن پ ا) گڏيجيءَ لڳ قومي شاهراهه تي سي آءِ اي پوليس خيرپور جي موبائل ڪلٽي، 2 اهلڪار سخت زخمي، ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. تفصيل موجب گڏيجيءَ ڀرسان قومي شاھراھ تي تيز رفتاريءَ سبب سي آءِ اي پوليس جي گشتي موبائيل سامهون ايندڙ ڪار کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ پوليس موبائل ڊرائيور سوڀل ڪانڌڙو ۽ اهلڪار ظهير الدين سخت  زخمي ٿي پيا، جن کي واٽهڙن انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ راڻيپور اسپتال پھچايو ويو، جتان مرهم پٽيءَ بعد کين گمس اسپتال گمبٽ نيو ويو. زخمي سوڀل ڪانڌڙو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور روحيل کوسو راڻيپور ٿاڻي تي پهچي واقعي جا تفصيل ورتا ۽ زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي.